ايران جي ايٽمي تڪرار جو معاملو حل ٿيڻ کان پوءِ پاڪ ايران گئس پائيپ لائين رٿا کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو ويندو: پرويز رشيد

لاهور (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ايران جي ايٽمي تڪرار جو معاملو حل ٿيڻ کان پو پاڪ ايران گئس پائيپ لائين رٿا کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو ويندو سرڪاري نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته ملڪ آڏو توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ پاڪ ايران گئس پائيپ لائين رٿا اهميت واري اهي پاڪستان عالمي دٻاءُ جي باوجود هن منصوبي تان هٿ ناهي کنيو ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ايٽمي معاهدي پاڪستان کي ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي جنهن مان فائدو ورتو ويندو ۽ گئس پائيپ لائين منصوبي کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *