ايراني ڪمانڊر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، لکين ماڻهو شريڪ، آمريڪا ۽ اسرائيل کي ڪارو ڏينهن ڏسڻو پوندو: قاسم سليماني جو چتاءُ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني تخت گاهه تهران ۾ قدس فورس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني جي آخري رسمن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جنازي جي نماز پڙهندڙن ۾ سپريم ليڊر خامنه اي به شامل هو. ايران جي پاسداران انقلاب جي سپاهه قدس جي سربراهه جنرل قاسم سليماني کي عراقي تخت گاهه بغداد ۾ هڪ آمريڪي فضائي حملي ۾ ماريو ويو هو، سندس مڙهه سان گڏ اڄ تهران ۾ لکين شهرين تعزيتي مارچ ڪيو. تهران ۾ جنرل قاسم سليماني جي جنازي نماز ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ صدر حسن روحاني پڻ شرڪت ڪئي. عالمي ميڊيا موجب سليماني جي آخري رسمن ۾ حصو وٺندڙ شهرين جو انگ لکن ۾ هو، جڏهن ته اڄ ايران ۾ عام موڪل رهي. جنرل قاسم سليماني جي جنازي نماز تهران يونيورسٽي جي حدن ۾ پڙهي وئي، جتي لکين سوڳوارن کي سندس تصويرن جا پورٽريٽ کنيل هئا ۽ انهن ڳاڙها جهنڊا به لوڏيا، جن کي ايران ۾ شهيدن جي رنگ جي علامت سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته حجوم ”آمريڪا مرده باد“ ۽ ”اسرائيل مرده باد“ جا نعرا پڻ هنيا. تهران يونيورسٽي ۾ اڄ قاسم سليماني جي جنازي نماز جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شهيد جي ڌيءُ زينب به شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. زينب سليماني سوڳوارن جي حجوم ۾ تقرير ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل اڄ هڪ ڪاري ڏينهن سامهون بيٺا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ اهو نه سمجهي ته منهنجي پيءَ جي هڪ شهيد طور موت سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *