ايراني پرڏيهي وزير جي آرمي چيف سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ پاڪ ايران بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر مطابق ٻنهي شخصيتن موجوده صورتحال ۾ مسلمان امت جي يڪجهتي ۽ اتفاق تي زور ڏنو ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۽ دهشتگردي خلاسف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي ساراهيو ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهتو ته ايراني پرڏيهي وزير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جواد ظريف  شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *