ايجوڪيشن ورڪس دادو جي ڪرپشن، 10 سالن کان درسگاهن جي مرمت لاءِ آيل لکين رپيا هڙپ، استادن ۽ شهرين جو احتجاج

دادو(رپورٽ: اصغر ملاح) ورڪس اينڊ سروس جي ماتحت ايجوڪيشن ورڪس جي انجينئير ايس ڊي اوز من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي ڇڏيا غير معياري ناقص مٽيريل جي کولي ڇوٽ ڏئي ڇڏي ايجوڪيشن ورڪس جي عملدارن درسگاهن کي به نه بخشو ڏهن سالن کان ڪرپٽ ۽ راشي ڪامورن پاران اسڪولن جي بلڊنگن جي مرمت لاءِ آيل مبينا لکين روپيا ڪمِيشن وصولي ۾ ڳڙڪائي ويا ايجڪيشن ورڪس اينڊ سروس کاتي پاران 46 لکن جو منظور ٿيل گورمينٽ پرائمري اسڪول وزيرآباد جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ڪم جي سست رفتاري ۽ ڪامورن جي ڪرپشن خلاف استادن ۽ شهرين سخت احتجاج ڪندي تعميراتي ڪم جلد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اسڪول جو ٺيڪو پي ايس ايف جي حيدرآباد جي صدر نظير سيال کي مليل آهي: شهري/استاد

دادو: استادن شهرين محمد نواز جمالي قربان علي لاکو محمد بشير قريشي نصير محمد لنڊ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته گورمينٽ پرائمري اسڪول وزيرآباد 6 ڪمرن جو ڊبل اسٽوري اسڪول جو ٺيڪو پي ايس ايف جي حيدرآباد جي صدر نظير سيال جو آهي جنهن جو تعميراتي ڪم ٺيڪيدار رفيق احمد ميراڻي ڪيو آهي ٺيڪيدار جي سست رفتاري لاپرواهي ناقص مٽيريل جي استعمال سبب ڊي پي سي کان مٿي ڪم نه ٿو هلايو وڃي جنهن ڪري اسين واسطيدار عملدار استاد والدين سخت پريشاني جو شڪار آهيون هنن الزام هڻندي دانهيو تعمير ٿيل ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو آهي،جڏهن ته پهريان گند ڪچرو وجهي مٿان مٽي جو تهه ڀرايو ويو آهي.

 بلڊنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص مٽيريل جي جاچ ڪرائي ڪرپٽن ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي اسڪول کوليو ويندو: چتاءُ

دادو: شهرين ۽ استادن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ۾ ناقص مٽيريل جي جائچ ڪرائي اسڪول جو ڪم جلدي هلائي گلن جهڙي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهي کان بچايو وڃي شاگردن شاگردياڻين والدين استادن مان بي چئني ختم ڪري ايجوڪيشن ورڪس اينڊ سروس جي مقرر ٿيل ڪامورن ۽ ايس ڊي او نثار احمد ميمڻ ٽينڊر ڪلارڪ منظور خاصخيلي ڪلارڪ غلام محمد کوسو ۽ ٻين خلاف جانچ ڪرائي ڪميشن عيواض ورتل پيئسا واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صوورت اسڪول جا شاگرد شاگردياڻين وٺي احتجاج ڪري دادو پريس اڳيان ٻارن کي پڙهائيندايسن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *