ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿ ۾ نه رهي: آصف زرداري

بدين (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت پنج سال پورا نه ڪندي پنجاب سميت سمورن صوبن جو عوام حڪومت ۽ ٿيل اليڪشن کي نٿو مڃي عوام کي ايترو ديوار سان نه لڳايو وڃي جو عوام سياستدانن جي هٿن مان به نڪري وڃي اهڙو اظهار گذريل ڏينهن هن راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جي 32 ورسي جي موقعي تي وڏي عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته مهنگائي ۽ حڪومتي غلط پاليسن سبب غريب ماڻهو حڪومت کي بد دعائون ڏيئي رهيا آهن اسان سان جنگ صرف 18ترميم سبب ڪئي پئي وڃي ان ترميم جي ذريعي اسان صوبن کي سندن حق ڏنا جيڪي حق انهن کي هضم نٿا ٿين هن چيو ته نااهلن کي خبر ناهي ته ڊالر ڇو چڙهي رهيو آهي هو چون ٿا ته ڊالر چڙهن جي خبر کين ٽي وي تان ملي آهي اسان پنهنجي دور ۾ ڊالر کي مستحڪم رکڻ لاءِ اڳواٽ پاليسيون جوڙيندا هئاسين اسان حڪومت به هلائي ۽ ملڪ به سنڀاليو هنن کان نه حڪومت هلي ٿي ۽ نه ملڪ سنڀالي سگھيا آهن اسان بلوچستان جي عوام سان زيادتين تي معافي ورتي ۽ حقوق بلوچستان تحت بلوچ عوام جي حقن لاءِ پيش قدمي ڪئي هن وقت سازشون شروع ڪيون ويون آهن اسان انهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون اهي سازشون عوام جي خلاف آهن اهي عوام کي حق ڏيڻ نٿا چاهين ۽ اسان انهن کان عوام جا حق وٺي رهنداسين سفيد پوش ماڻهو حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري پريشان ۽ مجبور آهن ڪارخانه بند ٿي رهيا آهن آبادگارن ۽ هارين وٽ فصل پوکڻ لاءِ پاڻي به ناهي ۽ حادثاتي طور وزير اعظم ٿيندڙ کي عوام جي ڏکن سورن جي ڪابه خبر ناهي اهي اقتدار ۾ آيا آهن ته انهن کي حڪومت هلائڻ جو فن به سکڻ گھرجي سندن پاليسن جي ڪري سڄي ملڪ جو عوام پريشان آهي حڪمرانن جا اسڪينڊل اچڻ شروع ٿي ويا آهن سوچيان ٿو ته اهي انهن اسڪينڊلن مان ڪئين ٻاهر نڪرندا هن چيو ته شهيد فاضل راهو ، شهيد ڀٽو ، شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ هڪ هئي اهي عوام کي حق ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا انهن کي جن شهيد ڪرايو اهي اڄ به عوام جي حقن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن هن موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت منهنجو نالو اي ٽي سي ۾ ڀلي وجھي اسان کي نه ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جو ڊپ آهي هن چيو ته اڄ شهيد فاضل راهو جي ورسي جي موقعي تي مان وزير اعظم پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪريان ته هو فوري طور تي سي سي آئي جو اجلاس گھرائي ۽ صوبن کي انهن جو حق ڏي هن چيو ته سنڌ کي سندس حصي جي رقم مان ڪٽوتي ڪري ڏنل رقم مان 90 ارب روپيا وفاق ڏانهن رهيل آهن جيڪي جاري نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ معاشي مسئلا پيدا ٿيا آهن هن چيو ته بدين ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ آهي ان لاءِ بدين جي واهن کي پڪو ڪيو ويندو جن ماڻهن پي پي پي سان غداري ڪري وفاقي ڪابينا ۾ پهتا آهن انهن کي وزيراعظم کان بدين لاءِ پاڻي گھرڻ گھرجي هن موقعي تي هن بدين ۾ زرعي يونيورسٽي ڪيمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو شهيد فاضل راهو جي شهادت کي 32 سال گذري ويا آهن موسمون ۽ حالتون تبديل ٿيون آهن پر عوام جي دلين مان شهيد فاضل راهو جي محبت ۽ راهوڪي سان رشتو برقرار آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ نااهلن ۽ بيوقوفن جو لشڪر ويٺل آهي اهي چون ٿا آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست ختم ٿي ويئي انهن کي خبر هجڻ گھرجي ته هو جن جا بوٽ چٽي اقتدار ۾ آيا آهن اهي به عوامي سياست کي ختم نه ڪري سگھيا ملڪ جي عوام جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت مسلت ڪئي ويئي ته ان جو مقابلو ڪيو ويندو هن موقعي تي ايم اين اي غلام علي ٽالپر ايم پي اي تاج محمد ملاح بشير احمد هاليپوٽو مير الله بخش ٽالپر سهيل انور سيال اسلم راهو غلام قادر پليجو سينيٽر ڪرشنا ڪولهي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا جلسي کان اڳ ۾ آصف علي زرداري سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شهيد فاضل راهو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي . ان کان اڳ ورسي کي صوبائي وزير ۽ شهيد فاضل راهو جو پٽ اسماعيل راهو، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، يادگار ڪميٽي جو چيئرمين محمد اسلم راهو، حاجي رمضان چانڊيو، عادل راهو خطاب ڪندي شهيد فاضل راهو جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو، ان موقعي تي مقررن بدين ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب زرعي معيشت جي تباهي تي ڳالهائيندي فوري طور تي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *