ايبٽ آباد ۾ فائرنگ، تحريڪ انصاف جا 4 ڪارڪن مارجي ويا

ايبٽ آباد (م.ڊ) ايبٽ آباد ۾ اڻڄاتل هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ تحريڪ انصاف جا 4 ڪارڪن مارجي ويا. شهر جي ڦهاري چوڪ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. واقعي کانپوءِ پوليس پهچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو جيڪو پڻ علاج دوران فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ مقتولن جي وارثن شهر ۾ تيز برسات کانپوءِ به لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب شاهراههِ ريشم تي ٽريفڪ بيهجي وئي. احتجاج دوران مڇريل ماڻهن قومي اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي گاڏي پڻ روڪي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو مڪاني چونڊن دوران ٿيل جهيڙي جو نتيجو لڳي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *