اياز صادق کي سپريم ڪورٽ بدران عوامي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي،اليڪشن ڪميشن ميمبر استعفيٰ ڏين: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي استعيفي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ميمبرن کي 8 لک رپيا ماهوار ملندا هجن ته اهي استعيفيٰ ڪيئن ڏيندا سردار اياز صادق سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ بدران عوام جي عدالت ۾ وڃي ڪراچي ۾ آپريشن جاري رهڻ گهرجي ايم ڪيو ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبر تڪراري ٿي چڪا اهي عزت سان استعيفا ڏين هن چيو ته مان عمران خان جي مطالبي جي حمايت نه پيو ڪيان هي منهنجو پنهنجو مطالبو آهي جو هن کان اڳ به ڪري چڪو آهيان خورشيد شاهه ٻڌايو ته اياز صادق تحريڪ انصاف کان بدلو وٺي سگهي پيو پر نه ورتو مان اياز صادق جي ان عمل جي واکاڻ ڪيان ٿو اپوزيشن ليڊر چيو ته سعد رفيق کي به عوام جي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ چيو هو جيڪڏهن هو ڳالهه مڃي ها ته اياز صادق سان ايئن نه ٿئي ها ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته هو ڳالهين واري عمل جي ڪامياب ٿيڻ لاءِ دعاگو آهي اسان به سمجهون ٿا ته مانيٽرنگ ڪميٽي جو قيام ضروري آهي جڏهن ته ڪراچي آپريشن کي به جاري رهڻ گهرجي هن چيو ته آپريشن کي سياست کان الڳ رکڻ گهرجي سياستدانن جي اندروني ويڙهه سان رياست کي خطرو آهي ايم ڪيو ايم جون استعيفائون واپس ٿيڻ گهرجن اميد آهي ته متحده سياسي تدبر جو مظاهرو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *