ايئن لڳندو آهي ته شادي اجي سان نه پر سس سان ٿي آهي: ڪاجول

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ڪاجول پنهنجي سس وينا ديوگن جي سالگرهه تي هن لاءِ دلچسپ پيغام شيئر ڪيو آهي. ڪاجول انسٽاگرام تي اجي ديوگن جي ماءُ سان گڏ هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته جڏهن توهان ڪنهن مرد سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ٻڌل آهيو ته توهان جو تعلق صرف ان هڪ شخص سان نه پر ان جي سڄي خاندان سان رشتو جڙيل آهي ڪاجول پنهنجي سس کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان خوش آهيان ته هوءَ منهنجي سس آهي، ڇو ته هوءَ هميشه منهنجو ساٿ ڏيندي آهي، ان ڪري مان اڪثر سوچيندي آهيان ته منهنجي شادي اجي سان نه پر پنهنجي سس سان ٿي آهي. ان سان گڏوگڏ اداڪارا پنهنجي سس کي شاندار چيو ۽ کيس سالگرهه جون مبارڪون پڻ ڏنيون. واضح رهي ته اداڪار اجي ديوگن جي ماءُ وينا ديوگن هڪ ڀارتي فلمساز آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *