او جي ڊي سي ايل لڪي مروت ويجهو گئس ۽ تيل جا ذخيرا ڳولي لڌا: فرخ حبيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته او جي ڊي سي ايل لڪي مروت ويجهو گئس ۽ تيل جا ذخيرا ڳولهي ورتا آهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جتان 11 ملين ايم ايس سي ايف ڊي گئس ۽ 950 بيرل آئل روزانو جي بنياد تي حاصل ٿيندو هن چيو ته هتان نڪرندڙ گئس هيٽنگ ويليو 1150 ڊي ٽي يو آهي جيڪو بهترين معيار آهي سي بلاڪ ۾ هي پهرين ڳولا آهي هي ڪاواڳڙهه فارميشن ۾ پهرين ڳولا آهي هن چيو ته او جي ڊي سي ايل پاران هن کوهه کي 4727 ميٽر اونهائي تائين ڊرل ڪيو ويو هو ملڪ ۾ توانائي جون وڌندڙ ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *