او جي ڊي سي ايل جي نجڪاري جي حوالي سان پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد، او جي ڊي سي ايل کي خانگائڻ واريون ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته اجائي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي، ڌرڻن ملڪ کي وڏو نقصان ڏنو آهي، ڌرڻا نه لڳن ها ته پيٽرول 14 رپيا سستو ڪيو وڃي ها. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز رشيد چيو ته او جي ڊي سي ايل کي نه پيو خانگايو وڃي، ان حوالي سان اجائي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي. هـُن چيو ته او جي ڊي سي ايل جي ملازمن کي ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي، ڇاڪاڻ ته 62 سيڪڙو شيئرز حڪومت وٽ ئي رهندا، رڳو 10 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ڌرڻن سبب ملڪي معيشت کي وڏو نقصان رسيو آهي، ڌرڻا نه لڳن ها ته پيٽرول گهٽ ۾ گهٽ 14 رپيا سستو ڪيو وڃي ها. پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم پاران پيٽروليم شيون سستو ڪرڻ جو اعلان ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اهم فيصلو آهي. هـُن چيو ته وزيراعظم جي اهڙي فيصلي کانپوءِ ڪراچي گڊز ڪارپوريشن 5 سيڪڙو ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪوششون وٺي رهي آهي. متحده اڳواڻن جي وزيراعظم سان ٿيل ملاقات جي حوالي سان پرويز رشيد جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ملاقات ۾ نئين صوبي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هو چندو ڪٿان گڏ ڪري رهيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومت دروازا کليل آهن، عمران خان پنهنجي ٽيم کي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي. الطاف حسين جي خطاب بابت ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته داعش ڪو نئون نالو نه آهي، پاڪستان اڳ ئي دهشتگردي جو شڪار آهي، اهڙيون ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ خوف نه پکيڙيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *