او جي ڊي سي ايل جي ملازمن تي تشدد: جمشيد دستي جو قومي اسيمبلي ۾ ڌرڻو، پ پ جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبر جمشيد ستي اسپيڪر جي ڊائيس سامهون ڌرڻو هنيو جڏهن ته او جي ڊي سي ايل ملازمن تي تشدد خلاف پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته جمشيد دستي ڳالهائڻ جي اجازت گهري پر اجازت نه ملڻ تي هو اسپيڪر جي ڊائيس سامهون ويهي رهيو جمشيد دستي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ملازمن تي تشدد ٿيو جنهن دوران جمشيد دستي سميت 50 ملازم زخمي ٿي پيا پر ايوان ۾ مسلسل ڳالهائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي تشدد جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي او جي ڊي سي ايل ملازمن تي پوليس تشدد خلاف پيپلز پارٽي علامتي واڪ آئوٽ ڪيو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي مزدورن جي پارٽي آهي ان جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، گهرو وزير چوڌري نثار ايوان کي ٻڌايو ته پوليس ضرورت کان وڌيڪ انتظامي ڦڙتي ڏيکاري جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو ان تي الڳ ڪميٽي قائم ڪنداسين انتظامي فيصلن جي خلاف احتجاج مزدورن جو حق آهي هن جو چوڻ هو ته حڪومت مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪندي ۽ بيان ڏئي هو ايوان مان هليو ويو گهرو وزير جي رويي تي پيپلز پارٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ ايوان مان سمورا ميمبر نڪري ويا ان کانپوءِ اسيمبلي جو اجلاس جمعي تي صبح 10 بجه تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *