او آءِ سي جو بيان پاڪستان جي اصولي موقف جي سوڀ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (م.ڊ)  وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته او آءِ سي طرفان مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هڪ دفعو ٻيهر آواز اٿارڻ جي آجيان ڪريون ٿا. رپورٽ موجب فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته او آءِ سي جو مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هڪ دفعو ٻيهر آواز اٿارڻ جي آجيان ڪريون ٿا. او آءِ سي طرفان اهو چيو ويو هو ته ڪشمير مان فوري طور تي ڪرفيو ختم ڪيو وڃي ۽ ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ئي ممڪن آهي. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو هو ته او آءِ سي جو بيان پاڪستان جي اصولي موقف جي سوڀ آهي ۽ ڀارت جي هار آهي. حق ۽ سچ تي بيٺل قوم کي ڪوبه ظلم، جبر ۽ بندوق سان شڪست نٿو ڏئي سگهي. ياد رهي ته اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) ڀارت طرفان والاريل جمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو هو. او آءِ سي جي بيان موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي ڀارت جو هڪ طرفو قدم آهي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير جي خاص حيثيت کي مڃون ٿا ۽ او آءِ سي اجلاس جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *