ماضي جا حڪمران معاشي تباهي جا ذميوار قرار، عوام هاڻ قيدي نمبر 420 جي دوکي ۾ اچڻ وارو ناهي : فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مدگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته عوام هاڻ قيدي نمبر 420 جي دوکي ۾ اچڻ وارو ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته طلال کان نهال تائين توهين عدالت جي نوٽيس جو ريڪارڊ ن ليگ وٽ آهي، ايتري وڏي انگ ۾ ڪنهن ٻي پارٽي وٽ اِهو ريڪارڊ موجود ناهي، هي واحد پارٽي آهي جنهن توهين عدالت جي نوٽيس جي شڪل ۾ ايترا گولڊ ميڊل کٽيا آهن. هن چيو ته اڄ اسان کي ادارن جي احترام جو سيکاريو پيو وڃي، هي ڪرپشن ليگ مال بچايو ۽ جلد جلدي ڀڄي وڃو وارو فارمولي تي هلي رهيا آهن پر انهن جي جلدي جلدي واري رستي ۾ عمران خان رنڊڪ آهي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس بابت سوال تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سپريم جڊيشل ڪونسل نوٽيس جاري ڪندي 14 جون تي اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو آهي. هن چيو ته رازداري اختيار ڪرڻ لاءِ سپريم جڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي اِن ڪيمرا ٿيندي آهي، سپريم جڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي جي ميڊيا تي تفصيل نٿي ٻڌائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته قانون واري وزارت ٻنهي ريفرنس بابت معاملن کي ڏسڻو آهي، قانون واري وزارت  جيڪا به ڳالهه هوندي ان بابت ميڊيا کي آگاهه ڪندي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته تبديلي ڪاٿي آهي، ڏسو تبديلي اچي ناهي رهي پر گذريل رات اچي چڪي آهي، گذريل رات ملائيشيا مان 320 پاڪستاني وطن واپس پهتا آهن. سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار چيو ته هن وزير اعظم عمران خان انسان دوست هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، وزير اعظم پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جو درد محسوس ڪيو ۽ انهن پاڪستانين کي عيد کان پهرين پهرين سندن ڪٽنبن سان ملرائي ڇڏيو.

ٻئي طرف  وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ماضيءَ جي حڪمرانن جو قوم تي وڌل بار لاهي رهيا آهيون، موروثي سياستدانن جي علمبردارن کي تڪليف آهي ته عمران خان پاڪستانين کي ٻن خاندانن جي آمراڻي سوچ مان آزاد ڇو ڪرايو آهي؟ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته موروثي سياست جي علمبردارن کي تڪليف ٿي رهي آهي، موروثي سياست جي علمبردارن کي تڪليف آهي ته عمران خان پاڪستانين کي ٻن خاندانن جي آمراڻي راڄ مان ڇو آزاد ڪرايو آهي.  هن چيو ته مشڪل فيصلن جي نتيجي ۾ معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، رڪارڊ انگ ۾ قرضن جي ادائيگيون ۽ واپاري خسارو اٺ سيڪڙو گهٽ ٿيو، مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته  موروثي سياست جي علمبردارن ميثاق جمهوريت جي نالي تي اولاد جي وارن جو شيڊول طئي ڪيو، عوام جعلي مئنڊيٽ خلاف حقيقي مئنڊيٽ ڏئي منصوبو ناڪام بڻايو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *