اوگرا سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي 0.34 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل اين جي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن لاءِ ايل اين جي 0.34 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ ان جي قيمت 11.35 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي. اهڙي ريت سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي 0.42 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي اگهه 11.37 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ٿي ويو آهي. سوئي ناردرن لاءِ جون ۾ ايل اين جي جي قيمت 11.01 ڊالر، جڏهن ته سوئي سدرن لاءِ ايل اين جي جو اگهه 10.95 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *