اوگرا جي سمري رد, حڪومت ايندڙ مهيني پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، ايندڙ مهيني پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي  پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو گهٽائڻ وارا اوگرا جي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني هئي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اوگرا جي سمري رد ڪندي چيو آهي ته ايندڙ مهيني پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار نه ڪئي ويندي ۽ ان بابت اوگرا جي تجويز قبول ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *