اوڀر ۽ اولهه جي سرحدن تي سڄي خطي اندر امن بحال ٿيڻ سان دهشتگرد سرگرميون ختم ٿينديون: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردي ۽ لاڳاپيل سرگرمين کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن مشرق ۽ مغربي سرحدن تي سڄي خطي اندر امن بحال هجي. هن اهي ڳالهيون اڄ آمريڪي وفد جنهن جي اڳواڻي امريڪن قونصل جنرل مسٽر رابرٽ سلبريسٽين (Mr. Robert Silberstein)  ۽ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اسٽريٽجڪ پاليسي ٽيررسٽ فنانسنگ اينڊ انانشل ڪرائم مسٽر اسڪوٽ ريم(Mr Scott Rem) ڪري رهيا هئا سان ڳالهيون ڪندي چيون. ملاقات ۾ جيڪي ٻيا آمريڪي آفيسر شامل ٿيا انهن ۾ مس مائيڪل ڪروڪٽ (Ms. Michelle Crockett)، مسٽر گرانٽ وڪيرس(Mr. Grant Vickers)، مسٽر ڊيوڊ گلبريٿ(Mr. David Galbraith) ، مسٽر نيل فلپس، مسٽر چاند مائنير(Mr. Chad Mineer) ، مس صنم نور، عمير ممتاز ۽ سيڪريٽري گهرو کاتو قاضي ڪبير، ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي ۽ ڊي آئي جي عبدالله شيخ شامل هئا. هن چيو ته خطي ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿيو آهي ڇوته انڊيا وادي ڪشمير ۾ مسلمانن خلاف ظلم ڪيا آهن. هن چيو ته سڄي خطي ۾ امن جا وڏي مفاد ۾ ان کي مڪمل طور روڪڻو پوندو. مراد علي شاهه چيو ته افغانستان ۾ ان جي حڪومت کي پنهنجي ملڪ اندر هڪ وڏو محدود حصي تي ضابطو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اتي دهشتگردي جي سرگرمين بابت سازشون ٿين ٿيون جيڪي بعد ۾ پاڪستان تي اثرانداز ٿين ٿيون. هن چيو ته صوبائي حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ هاڻي اسان ان تي وڏي حد تائين ضابطو آندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي دهشتگردن جي فنانسنگ بابت معاملن تي قابو پائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي ايجنسين گڏجي دهشتگردي جي فنانسنگ خلاف ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيڪريٽري گهرو کاتي تحت دهشتگردي جي فنانسنگ خلاف گهرو کاتي ۾ يونٽ ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ 5 ٽيررازم فنانسنگ جا يڪس ٿيا جنهن کي سزا به ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسان چيرٽي رجسٽريشن ايڪٽ پاس ڪيو آهي ۽ چيرٽي ۽ ٻين فنڊز ريگيوليٽ ٿي سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي ايجنسين 19 ڪيسز ٽيراازم فنانسنگ جا ڊٽيڪٽ ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگردي جي فنانسنگ خلاف سي ٽي ڊي ڪم ڪري رهي آهي، هاڻي فقط تصديق ٿيل چيرٽي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ حڪومت قرباني جي جانورن جي کلن جي به چيرٽي کي نظر رکيل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ گذريل ٽن سالن ۾ 500 کان ويجهو دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن ۽ گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ ڪيترن ئي سزا ٿي چڪي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *