اوٿل: ڄاڃين سان ڀريل بس ڪلٽي، 6 ڄڻا فوت

اوٿل/ڪراچي(م.ڊ) اوٿل جي علائقي ۾ ڄاڃين سان ڀريل بس اونڌي ٿيڻ سبب ٻارن سميت 6 ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ليويز مطابق آچر تي اوٿل ۾ دبئي مسجد ويجهو بيله کان ڪراچي ويندڙ ڄاڃين سان ڀريل بس ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارن سميت 6 ماڻهو غلام رسول، بس جو ڪنڊڪٽر شبير احمد، 4 سالن جي نسرين، 12 سالن جو نصر الله ۽ 5 سالن جي ياسمين ۽ منظور فوت جڏهن ته عورتن ٻارن سميت 18 ماڻهو رشيده زال قادر، عبدالله ولد محمد موسيٰ، علي حسن ولڊ غلام حيدر، گل جان زال غلام حيدر، عمران ولد عبدالغفور، همير ولد قادري، مير حسن ولد غلام حيدر، صدام ولد شهباز، خيرالله، عائشه، انيس، سعيد، فريد، شوڪت، عبيدالله، عاشق، عبدونه ۽ شاهينه زخمي ٿي پيون . لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال پهچايو ويو جتي 5 زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي پهچايو ويو. فوتين ۽ زخمين جو واسطو بيله سان هو. ليويز وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڏني.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *