اوهان جي درخواست سان ڪميشن جو تعلق نه آهي، دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق جي ڌر ٿيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي،چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جو اجلاس جاري آهي. انڪوائري ڪميشن اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق جي ڌر ٿيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ،چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق موقف اختيار ڪيو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، جنهن جا وٽس ثبوت موجود آهن تنهنڪري هو ڌر ٿيڻ ٿو چاهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ توقير صادق سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي درخواست سان ڪميشن جو ڪو به تعلق نه آهي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  ڪميشن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي دليلن جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي. سمورين پارٽين جي وڪيلن کي اڄ تائين لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي به هدايت پڻ  ٿيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *