اومپوريءَ کي انتهاپسندي خلاف ڳالهائڻ ڳلي پئجي ويو، موتمار ڌمڪيون

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي انتهاپسندن جو شڪار ڀارتي اداڪارن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، تازو ناليواري اداڪار اوم پوري کي به ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون آهن. ڀارتي اداڪار اوم پوري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مونکي انتهاپسندن کان ڌمڪيون ملي رهيون آهن. انتهاپسندن خلاف ڳالهائڻ تي مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ مونکي يا منهنجي گھر ڀاتين کي ڪو به نقصان پهتو ته ان جي ذميوار مودي سرڪار هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *