اومي ڪرون باوجود آسٽريلوي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي: ڪرڪيٽ آسٽريليا

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي چيو آهي ته اومي ڪرون سبب صورتحال ڏکي آهي پر ان باوجود پاڪستان جو دورو شيڊيول موجب ڪنداسين.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي پاڪستان دوري بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته آسٽريلوي اختياريون تازو صورتحال جو جائزو وٺڻ پاڪستان ويون هيون، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان مڪمل رابطي ۾ آهيون.هن چيو ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي تصديق باوجود آسٽريليا جو دورو شيڊيول موجب ٿيندو، اومي ڪرون سبب صورتحال ڏکي آهي پر پاڪستان دوري لاءِ پرعزم آهيون، جيستائين حالتون بهتر آهن آسٽريليا پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم ايندڙ سال مارچ ۾ 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ايندي، ٻنهي ٽيمن ۾ 3 ٽيسٽ ميچون، 3 ون ڊي ميچون ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *