اومني گروپ جي ڌمڪين جي رڪارڊنگ موجود آهي، انڪري مجيد فيملي کان موبائيل کسيا: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته اومني گروپ جي ڌمڪين جي آڊيو رڪارڊنگ موجود آهي انڪري مجيد فيملي کان جيل مان موبائيل فون کسيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ مبينا ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اومني گروپ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بئنڪن ۽ اومني گروپ کي قرضن جي ادائيگي سيٽلمنٽ معاهدا پيش ڪرڻا آهن جڏهن ته بئنڪ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته کنڊ جا 25 لک ٿيلا غائب ٿيڻ مجرماڻو فعل آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو فراڊ ٿيو آهي ته سول ۽ فوجداري فورم سان رابطو ڪريو،  لڳي ٿو بئنڪ گارنٽي لاءِ سڄي ڪارروائي ڪاغذي هئي،  بئنڪ جا جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف به ڪيس داخل ڪرايو، قرض ۽ گارنٽي معاملي ۾ جيڪو ملوث هوندو انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته معاملي جي جاچ ايف بي آءِ ڪندي ۽ عدالت جو اهو ئي حڪم آهي. عدالت چيو ته اومني گروپ بئنڪ ۾ رکيل گارنٽي ۾ به بدنيتي ڪئي، گروپ خلاف فوجداري ڪارروائي جو بئنڪ خواهشمند آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پرچو داخل ٿئي جنهن وقت ٺاهه ٿيڻو هوندو ٿي ويندو، اومني گروپ رڳو وقت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، سمجهوتو ڪرڻو آهي ته 5 ارب رپيا بئنڪ کي ادا ڪريو. ان موقعي تي اومني گروپ جي وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت ٿوڙو وقت ڏئي، مونکي اصيل کان هدايتون وٺڻيو آهن، عبدالغني مجيد سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻي آهي. عدالت عبدالغني مجيد ۽ حسين لوائي جي وڪيلن کي ملاقات جي اجازت ڏيندي چيو ته اومني گروپ جا وڪيل پنهنجن اصيلن سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا، اصيل سان ملاقات عدالت کي آگاهه ڪريو. اومني گروپ جي وڪيل عدالت کان ڪيس سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي تائين نه اڄ رات تائين ويٺا آهيون، ڪينٽين کليل آهي اتي وڃو چانهه پيئو، اوهان ڪيس ۾ ڪيتري فيس ورتي، جيڪڏهن ٻڌايندس ته ماڻهو حيران ٿي ويندا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اومني گروپ جي ڌمڪين جي آڊيو رڪارڊن موجود آهي، مجيد فيملي کان جيل مان موبائيل انڪري کسيا ويا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *