اورڪزئي ايجنسي، سيڪيورٽي فورسز سان چڪريون، 0 2 دهشتگرد مارجي ويا، 6 اهلڪار شهيد

اورڪزئي ايجنسي، پشاور، ٽل (م.ڊ) اورڪزئي ايجنسي ۽ خيبر ايجنسي جي وچ تي واقع علائقي شيرين دره ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 0 2 دهشتگرد مارجي جڏهن ته 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال پهچايو ويو، ماموند لڳ علائقي ڪمرسر ۾ رستي ڪناري پوريل بارودي سرنگ ڦاٽڻ سان 2 ليويز اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. نجي ٽي وي موجب اورڪزئي ايجنسي ۽ خيبر ايجنسي جي وچ تي واقع علائقي شيرين دره ۾ شدت پسندن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪاروائي ۾ 0 2 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي حڪام جو چوڻ آهي ته اڃا تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته چڪرين ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق ڪهڙي گروپ سان هو. سيڪيورٽي حڪام چيو آهي ته چڪرين ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي تڪڙو سينٽرل ملٽري اسپتال ٽل پهچايو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. باجوڙ ايجنسي جي تعلقي ماموند لڳ علائقي ڪمرسر ۾ رستي ڪناري پوريل بارودي سرنگ ڦاٽڻ سان 2 ليويز اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تڪڙو اسپتال پهچايو ويو جتي هڪ اهلڪار زخمن جي سَٽ نه سهندي ساهه ڏئي ويٺو، علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *