اورنگي ٽائون ۾ ٽينڪر ٽن ٻارڙن مٿان چڙهي ويو ، ٿڏي تي فوت، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ ٽينڪر ٽن ٻارڙن مٿان چڙهي ويو پوليس ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ضياءَ ڪالوني اورنگي ٽائون ۾ هي حادثو پيش آيو هڪ ئي گهر جا 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا ضياءَ موڙ تي واٽر ٽينڪر چڙهائي تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ گهٽي ۾ کيڏندي ٽن معصوم ٻارڙن مٿان چڙهندي ديوار سان وڃي لڳو اکين ڏٺل شاهدن مطابق ٽئي ٻارڙا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ڊرائيور جو چوڻ هو ته حادثو بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو ٻارڙن جي موت تي افسوس آهي فوتين ٻارڙن ۾ 8 سالن جو عثمان ڇهن سالن جي مريم ۽ ڇهن سالن جو باسط شامل آهي ٽنهي ٻارڙن جا لاش سول اسپتال پهچايا ويا جتي قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن کي ڏنا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *