اوربلنگ تي هاڻي تائين ڇا ڪيو ويو؟ وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي راهداري جي منصوبن تي چين دوري دوران بيجنگ ۾ صحيحون ٿينديون، اقتصادي راهداري تحت منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، ملڪي معيشت جي خرابي ۾ بدعنوان عنصرن جو تمام وڏو هٿ آهي، موجودهه حڪومت ڪرپشن ختم ڪري ڪرپٽ عنصرن کي عبرت جو مثال بڻائيندي، نيلم جهلم منصوبي تي پوئين حڪومت ۾ ڪم ٿيڻ کپي ها، بدقسمتي سان نه ٿيو، منصوبي تي چئوڻي پنجوڻي وڌيڪ لاڳت اچي رهي آهي، پوئين حڪومت ۾ بجلي جا ڪارخانا، موٽرويز جي تعمير ۽ گوادر پورٽ جهڙا منصوبا مڪمل ٿي وڃن ها ته اڄ حالتون ئي ڪجهه ٻيون هجن ها، منصوبابندي وزير جا آئيڊياز سٺا آهن، انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هو انهن مطابق سڌارو آڻي، ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري شعبي ۾ سڌاري لاءِ ترجيحاتطئي ڪيون وڃن، ادائيگين ۾ توازن ۽ زرمبادلي جي ذخيرن ۾ واڌ لاءِ برآمدات وڌائڻي پوندي، ماضي جي روايتن کان هٽي ترقي جا نوان باب کولڻ کپن، بجلي جي کوٽ تي ضابطي آڻڻ لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان جامع پروگرام بڻجي رهيو آهي، ترجيحي سڌاري تي 2 کان 3 مهينن ۾ عملدرآمد شروع ٿي وڃڻ کپي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف، منصوبابندي وزير احسن اقبال، تجارت وزير خرم دستگير ۽ ريلوي وزير خواجا سعد رفيق پنهنجي پنهنجي وزارتن جي ڪارڪردگي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم نواز شريف اجلاس شروع ٿيندي ئي سڀ کان پهريان اووربلنگ ۽ ان حوالي سان پيشرفت بابت پڇا ڪئي، جنهن تي پاڻي ۽ بجلي وزير خواجا آصف بريفنگ ڏيندي چيو ته وڌيڪ بلن جي روڪٿام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي ۽ بجلي وزارت صارفين جي شڪايتن جو ازالو ڪندي، عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ طريقيڪار طئي ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ بلن جي حوالي سان ڪابينا جي فيصلن تي مڪمل عملدرآمد ٿيندو، مستقبل ۾ به اهڙي صورتحال کان بچاءَ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم نواز شريف خواجا آصف کي مخاطب ڪندي چيو ته اووربلنگ جي معاملي ۾ ملوث عنصرن جي به نشاندهي ٿيڻ کپي، صارفين جي حقن جو تحفظ ۽ شڪايتن جو ازالو هر صورت يقيني بڻايو وڃي. جنهن تي خواجا آصف وزيراعظم کي خاطري ڏياري ته اووربلنگ ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ڪئي ويندي ۽ کين سخت سزا ڏني ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال واٽر پاليسي، نيشنل ريسرچ پاليسي تي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اشتراڪ سان جيڪي منصوبا شروع ڪيا ويا ان تي بريفنگ ڏني. منصوبابندي وزير احسن اقبال وزارت جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي کي حقيقت بڻائڻ تي ڌيان ڏنو، تمام لاڳاپيل ادارن جي مشاورت سان ويزن 5 2 0 2 کي حتمي شڪل ڏني، تمام ترقي يافتا ملڪن جي پيشرفت کي سامهون رکي ويزن 5 2 0 2 تيار ڪئي، 8 1 0 2 ع تائين ترقي جي شرح کي 6 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، سرڪاري ترقياتي پروگرام ۾ اقتصادي راهداري لاءِ فنڊز رکيا، هڪ سال ۾ 1 0 8 3 ارب جا 0 4 2 منصوبا منظور ڪيا. گذريل دور ۾ بدعنواني، فنڊز جي عدم فراهمي، منصوبي ۾ دير جا سبب آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت 5 4 ارب ڊالر جو پورٽ فوليو آهي، 4 3 ارب ڊالر توانائي ۽ 1 1 ارب ڊالر بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ آهن، بهتر ڪم ڪرڻ تي وزارت جي ملازمن کي ماهوار ايوارڊ ڏيون ٿا، 2 4 سيڪڙو ٻار عدم غذائيت جو شڪار آهن، ويزن 5 2 0 2 جي منصوبن جي نگراني ۽ عملداري جو يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، اڳين چند سالن ۾ پيدا ٿيندڙ پاڻي بحران کان بچڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم نواز شريف منصوبابندي وزير احسن اقبال جي خيالن کي ساراهيندي چيو ته اوهان جيڪي جيڪي منصوبا سوچا اهي لاجواب آهن هاڻ صرف انهن تي ڪم ڪري انهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال بعد ريلوي وزير خواجا سعد رفيق پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وزارت ريلوي ۾ موڪل ڪلچر ختم ڪيو ويو آهي، ريلوي جي بحالي لاءِ 3 سالن جو وقت درڪار هو، ڏيڍ سال ڪاميابي سان گذاريو ويو آهي، پاڪستان ريلوي جو 7 6 سيڪڙو ٽريڪ پنهنجي مدت پوري ڪري چڪو، ريلوي ۾ ٽيڪنيڪي عملي ۽ آءِ ٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، خطي ۾ موجود ريلوي جي نظام جو مقابلو ڪرڻ لاءِ 0 1 سال درڪار آهن. خواجا سعد رفيق چيو ته اسان مسافر ٽرينن جو انگ 2 9 مان وڌائي 4 0 1 ڪري ڇڏيو آهي، مال ڀريل گاڏين لاءِ رکيل 8 انجڻ وڌائي 5 4 ڪيا ويا آهن، مشرف دور ۾ گهرايل 9 6 انجڻ ڪوڙي جو ڍير بڻجي چڪيون آهن، ريلوي جي ليگل شعبي جي نئين جوڙجڪ ڪري رهيا آهيون، 5 3 پراڻا انجڻ پنهنجي وسيلن مان بحال ڪيا ويا، ريلوي انجنيئرز لاءِ تربيت جا خاص پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بنا ڪنهن فرق ڪاروائي ڪري ريلوي جي 8 1 5 ايڪڙ زمين تان حد دخلين کي ختم ڪرايو، گذريل سال پاڪستان ريلوي جي مسافرن ۾ 7 5 لک کان وڌيڪ جي واڌ ٿي، ريلوي وٽ تيل جا ذخيرا هڪ ڏينهن جا هئا ان کي وڌائي 4 ڏينهن تائين پهچائي ڇڏيو آهي، گذريل سال ريلوي مان ساڍا 3 ارب رپيا ڪمايا، هلندڙ سال هدف 7 ارب رپيا آهي. بريفنگ بعد وزيراعظم نواز شريف خواجا سعد رفيق جي ڪارڪردگي کي واکاڻيو، وزيراعظم نواز شريف تجارت جي وفاقي وزير خرم دستگير جي وفاقي ڪابينا کي ڏنل بريفنگ تي هدايت ڪئي ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سان رابطو ڪري ڪپهه ۽ چانور گهرايو. وزيراعظم آبادگارن جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ لاڳاپيل وزيرن کي چانور جي جلد کان جلد برآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ان کان پهريان ڪابينا جي اجلاس ۾ ايران کي بجلي جي رهتن جي ڏس ۾ چانور موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. وزيراعظم نواز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن قصور ۾ مسيحي جوڙي جي مارجڻ جي مذمت ڪندي هدايت ڪئي ته حڪومت واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سزا ڏيندي، واقعو هانءُ ڏاريندڙ آهي ان جي ڀرپور مذمت ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم اجلاس جي ميمبرن کي چيو ته ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري شعبي ۾ سڌاري لاءِ ترجيحات طئي ڪريو، ادائيگين ۾توازن ۽ زرمبادلي جي ذخيرن ۾ واڌ لاءِ برآمدات وڌائڻي پوندي، ماضي جي روايتن کان هٽي ترقي جا نوان باب کولڻ کپن، بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان جامع پروگرام بڻجي رهيو آهي، ترجيحي سڌاري تي 2 کان 3 مهينن ۾ عملدرآمد شروع ٿي وڃڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *