اهڙي فيصلي سان ڪنهن جي فتح يا شڪست نه پر جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي سوڀ ٿي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، خورشيد شاهه، پي ٽي آءِ ميمبرز کي ڊي سيٽ ڪرڻ واريون رٿون واپس وٺڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي فيصلي سان ڪنهن جي فتح يا شڪست نه پر جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي سوڀ ٿي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملڪي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ پاران رٿون واپس وٺڻ واري فيصلي تي کيس خوشي ٿي آهي،اڄوڪي فيصلي سان ڪنهن جي شڪست يا فتح نه پر جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي سوڀ ٿي آهي. خورشيد شاهه چيو ته وڏي قربانين کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت آئي آهي،  جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جو فيصلو مستقبل لاءِ بهتر آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته هو تحريڪ انصاف جي قيادت جي غلطي جي سزا ووٽرز کي نه پيا ڏيڻ چاهي، پي ٽي آءِ کي اسيمبلي ۾ آڻي سندن ووٽرز جو تحفظ ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ ڪو آخري دوست يا دشمن ناهي هوندو، سياسي پارٽين کي پنهنجا رويا بهتر ڪري اڳتي وڌڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *