اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي حڪمران ڪرپشن ڪندڙ نه هجن: سراج الحق

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي حڪمران ڪرپشن ڪندڙ نه هجن. اسلام آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته رياست ۽ حڪومت ماءُ وانگر عوام جو خيال رکن. هن چيو ته اسان ملڪ مان بيروزگاري، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جيڪا عوام کي محبت ۽ پاڇو فراهم ڪري. سندس چوڻ هو ته دنيا کي پرامن ۽ خوبصورت بڻائڻ اسان جو خواب آهي. سراج الحق چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتون هن وقت پنهنجي بنيادي حقن کان وانجهيل آهن، حق ۽ باطل جي هر جنگ ۾ عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته انساني ۽ اسلامي تاريخ به عورتن جي ذڪر کانسواءِ اڌوري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *