اهو نٿا چئون ته حڪومت ختم ڪيو پر وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان اهو نٿا چئون ته حڪومت ختم ڪيو پر وزير اعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، وزير اعظم فيصلو ڪري ته ادارن کي بچائڻ چاهي ٿو يا پنهنجي اقتدار جي ويڙهه وڙهڻ چاهي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت جڏهن ڪمزور ٿي رهي هئي، ان وقت پيپلز پارٽي نواز شريف سان گڏ هئي، ان وقت اسان جو موقف جمهوري هو، جنهن تي اسان اڄ به قائم آهيون، اسان هميشه مثبت سياست ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي فرينڊلي مخالف ڌر جو طعنو ڏنو ويو پر اسان هميشه جمهوريت کي سهارو ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *