اهو ممڪن ناهي ته وزيراعظم پنهنجي احتساب لاءِ پاڻ ٽي او آرز طئه ڪري: اعتزاز احسن

لاهور(اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته وزيراعظم جو احتساب پهريان ٿيندو، جڏهن ته هڪ اهڙي شخص تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ اهو ئي ضابطا اخلاق طئه ڪري اهو ممڪن ناهي، اپوزيشن طرفان ڏنل ٽي او آرز جو حڪومت پاڻ جائزو وٺي،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومتي ٽي او آرز متفقه طور تي رد ڪري چڪا آهيون، ڇاڪاڻ ته حڪومت جا ٽي او آرز جي جاچ 1947 کان شروع ٿي رهي هئي، حڪومت پنهنجي ٽي او آرز تي اسرار ڪري ٿي ته اپوزيشن جو اسرار وڌندو ويندو، هن چيو ته حڪومت پاناما ليڪس جاچ جي حوالي سان سنجيده نه آهي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان ڏنل ٽي او آرز جو حڪومت پاڻ جائزو وٺي، وزيراعظم ج احتساب پهريان ٿيندو ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙي شخص تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ اهو ئي ضابطڪار طئه ڪري اهو ممڪن ناهي، پهريان نواز شريف ۽ ان کانپوءِ ٻين سياستدانن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، انهن تمام ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي جن جا نالا پاناما پيپز ۾ آيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *