اهم شخصيتن جي جاسوسي، انڊين وزيراعظم مودي تي غداري جا الزام

نئين دهلي (اين اين آءِ) انڊيا جي اپوزيشن پارٽين پيگاسس پروجيڪٽ تحت صحافين، سياسي اڳواڻن ۽ سماجي ڪارڪنن جي فونز جي جاسوسي بابت انڪشافن کان پوءِ وزيراعظم نريندر مودي تي غداري جو الزام لڳايو آهي برطانوي اخبار دي گارڊين جي رپورٽ موجب پيگاسس پروجيڪٽ جي جاچ مطابق لڳ ڀڳ 50 هزار اهڙا ماڻهو آهن جن جي سن 2016 کان پوءِ جاسوسي ڪئي پئي وڃي ان ۾ اپوزيشن جي چوند حڪمت عملي بڻائيندڙ هڪ اهم شخص جو فون نمبر به شامل آهي دي گارڊين مطابق ليڪ ٿيندڙ رڪارڊ ۾ انڊيا جا سوين تصديق ٿيل فون نمبر شامل آهن. انهن ۾ ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گاندي جو نمبر به شامل آهي جنهن کي اليڪشن کان هڪ سال اڳ ۽ اليڪشن جي ڪجهه مهينن کان پوءِ امڪاني حدف طور تي منتخب ڪيو ويو هو جڏهن ته فرانزڪ تجزيي کان اڳ اهو معلوم نٿو ٿي سگهي ته هي ليڪ ٿيندڙ ڊيٽا انهن ماڻهن جي فونز مان حاصل ڪئي وئي اهي يا وري انهن کي ڪاميابي سان هيڪ ڪيو ويو هو پر جاچ سان اها ڳالهه واضح ٿي وئي اهي ته نگراني ڪندڙ اين ايس او جي سافٽ ويئر (پيغاسس) سان 10 انڊين فون نمبر کانعلاوه سڄي دنيا سان 27 فونز ڳنڍيل هئا انهن انڪشافن کان پوءِ ڪانگريس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سعودي سرڪار کي جاسوسي جو ريڪٽ، (قرار) ڪانگريس پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي سراسر غداري ۽ مودي حڪومت جو قومي سلامتي جي تقاضن کي ختم ڪرڻ جهڙو قدم آهي، ان بيان ۾ انڊيا جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي کي ڀارتيا جاسوس پارٽي لکيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *