انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ چوٿين ون ڊي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ (اڄ ) کيڏي ويندي

ليڊز (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ اڄ جمعي تي ليڊز ۾ کيڏي ويندي. مهمان ٽيم آسٽريليا کي 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل آهي.سائوٿمپٽن ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ ڪينگروز 59 رنسن جڏهن ته لارڊز م کيڏيل ٻين ون ڊي ۾ 64 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي پر مانچسٽر ۾ کيڏيل ٽين ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي آسٽريلوي ٽيم کي 93 رنسن تان هارائي ڇڏيو. ٻنهي تيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي انٽر نيشنل 11 سيپٽمبر تي ليڊز جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 13 سيپٽمبر تي مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *