انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن به پاڪستان سپر ليگ کيڏندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن ۽ بيٽسمين اين بيل پاران پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏڻ جي پڪ،جڏهن ته ڪپتان اليسٽر ڪُڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن،ڪرڪيٽ جي مشهورويب سائيٽ جي رپورٽ مطابق انگلينڊ ٽيم جي رانديگرن جيمز اينڊرسن ۽ بيل، پاڪستان سپر ليگ سان کيڏڻ جي حامي ڀري  هئي ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ انتظاميا ۽ انگلينڊ رانديگرن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ انگلينڊ جي ٻنهي رانديرگرن پي سي ايل ۾ کيڏڻ جي حامي ڀري ورتي، جڏهن ته انگلينڊ جي ڪپتان اليسٽر ڪُڪ سان اڃان ڳالهيون هلي رهيون آهن،ٽورنامينٽ  ۾ انگلينڊ جي رانديگرن پاران شامل ٿيڻ سان پي سي ايل وڌيڪ مضبوط ٿيندي، ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته سپر ليگ جي ٽيمن جو اعلان 4 کان 24 فيبروري 2016ع گڏيل عرب امارات ۾ ڪيو ويندو جنهن ۾ اسلام آباد،پشاور،ڪراچي،لاهور ۽  جون ٽيمون  شامل آهن،ٽورنامينٽ ۾ گڏيل طور تي 24 ميچون ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *