انگلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

 

ملائيشيا(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلو ڪندڙ سوڀ حاصل ڪري ورتي آهي.ملائيشيا ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ مهمان ٽيم جي ڪپتان بيتهرنائٽ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته اوپنرز ايمي جونز ۽ ڊيني وايٽ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 50-50 رنسون اسڪور ڪيون.ايمي جونز 52 بالن تي 11 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 89 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ڊيني وايٽ 36 بالن تي 55 رنسون ٺاهيون. ٻنهي اوپنرن بهترين بيٽنگ جي بدولت انگلينڊ جي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون. 186 رنسن جي  تعاقب ۾ قومي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيم هڪ دفعو ٻيهر متاثر ڪندڙ راند جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.مڊل آرڊر ارم جاويد کان علاوه ڪابه رانديگرياڻي ڊگهي راند نه کيڏي سگهي. ارم جاويد هڪ چوڪي ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 38 رنسون ٺاهيون جنهن کان پوءِ قومي وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 101 رنسون ٺاهي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *