انگلينڊ خلاف ٽين ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين: ميڪولم

ناٽنگهم(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ جارحي بيٽسمين برينڊن ميڪولم چيو آهي ته انگلينڊ ٽين ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين. پهرئين ون ڊي ۾ شڪست بعد لاڳيتو 2 ميچن ۾ ڪاميابي ٽيم جي اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي. ڪيويز سيريز جي ٽين ميچ ۾ انگلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. هن چيو ته پهرئين ون ڊي ۾ ناقص ڪارڪردگي کانپوءِ ٽيم جهڙيءَ ريت شاندار ڪم بيڪ ڪيو آهي اها واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي. هن اُميد ڏيکاري ته رانديگر ايندڙ ميچن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جي تسلسل کي برقرار رکندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *