انگلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي وئي

ڪراس چرچ (اسپورٽس نيوز) خميس تي هيگلي اوول، ڪراسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ٻئي سيمي فائينل ۾ دفاعي چئميپن انگلينڊ وومين پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 293 رنسون ٺاهيون ڊينيل وائٽ شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 129 رنسون ٺاهيون، صوفيه ڊنڪلي 6 رنسن جي اننگز کيڏي ٻين بيٽرز ۾ ايميجونز 28 ۽ ايڪليسٽون 24 رنسون ٺاهيون ڏکڻ آفريڪا طرفان شبنم اسماعيل 3 جڏهن ته ماريزان ڪيپ ۽ مسباتا ڪلاس ٻه ٻه رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ڏکڻ آفريڪا جي عورتن واري ٽيم پهاڙ جيڏو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 38هين اوور تي 156 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *