انگلش ڪوچ ناٽنگهم شائر جي ڪنسلٽ پيٽر مورس پاڪستاني ٽيم جي ڪوچن واري ڊوڙ تان هٿ کڻي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي انگلش ڪوچ ۽ ناٽنگهم شائر جي ڪنسلٽ پيٽر مورس پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ واري ڊوڙ تان هٿ کڻي ويو آهي. پرڏيهي خابري اداري موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان وقار يونس جي متبادل پنجن غير ملڪي ڪوچز ۾ هڪ اميدوار اڳوڻو انگلش ڪوچ پيٽر مورس به شامل هو پر ان گرين شرٽس کي ڪوچنگ واري ڊور ۾ شامل ٿيڻ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي هڪ انٽرويو ۾ پيٽر مورس جو چوڻ هو ته جڏهن مون سان پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هو ڏاڍو خوش هو ته مون کي هڪ دلچسپ ٽيم جي لاءِ انتهائي اهم رول ادا ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي پر وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي پهتس ته ان ذميواري لاءِ هي موذون وقت نه آهي. هن چيو ته منهنجو ناٽنگهم شائر سان معاهدو آهي ۽ مان پنهنجن ٻارڙن سميت ان معاهدي تي خوش آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *