انگلش ڪرڪيٽ ٽيم 16 ورهين کانپوءِ پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته انگلينڊ 2021 ۾ پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي. پي سي بي موجب انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ايندي، جيڪي 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿينديون. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ اهڙي تصديق ٽوئيٽر ذريعي ڪئي ته اسان پاڪستان وڃي رهيا آهيون. واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم 16 ورهين کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، جنهن لاءِ اها 12 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندي ۽ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کانپوءِ پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ گڏ ڀارت روانيون ٿينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *