انگلش ڪائونٽي وورسسٽر شائر پاڪستان جي آف اسپنر سعيد اجمل کي پنهنجي جٿي مان ڊراپ ڪري ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪائونٽي وورسسٽر شائر پاڪستان جي آف اسپنر سعيد اجمل کي پنهنجي جٿي مان ڊراپ ڪري ويسٽ انڊينبالر شينن گيبريئل کي سڏائي ورتو آهي، جنهن سان اسپنر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي واپسيءَ واري ڪوششن کي سخت ڌڪ رسيو آهي. آف اسپنر آءِ سي سيءَ طرفافن شڪي بالنگ ايڪشن کان پوءِ پنهنجي ايڪشن تي ٻيهر ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هلندڙ سال سندس ايڪشن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو، پر نئين ايڪشن سان هو پنهنجي اڳوڻي اهميت برقرار رکي نه سگھيو. پهريان کيس ملڪي ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو، هاڻي انگلش ڪائونٽيءَ مان به ڊراپ ڪيو ويو آهي. هلندڙ سيزن دوران اجمل وورسسٽر شائر طرفان ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيو هو ۽ 48.5 اوورن ۾ صرف 6 وڪيٽون ورتيون هئائين، جنهن ڪري وڪيٽون وٺڻ جو سڄو بار ٻين بالرن تي پيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *