انڪوائري ڪميشن قاف ليگ جي درخواست تي پنجاب جي 7 ريٽرننگ آفيسرز کي اڄ شاهد طور طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن، قاف ليگ جي درخواست تي پنجاب جي 7 ريٽرننگ آفيسرز کي اڄ شاهد طور طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وڪيل، عمران خان کي انڪوائري ڪميشن آڏو شاهد طور پيش ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن جو 24 هون اجلاس ٿيو، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن فارم 14 ۽ 15 بابت تفصيل ڪميشن ۾ جمع ڪرايا.  تحريڪ انصاف جي وڪيل حفيظ پيرزادي چيو ته عمران خان کي ڪميشن آڏو پيش نه ڪيو ويندو، هو پنهنجو فيصلو واپس وٺي رهيو آهي. ٻڌڻيءَ دوران قاف ليگ جا 7 شاهد پيش ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ 7 ريٽرننگ آفيسرز کي پڻ شاهد طور طلب ڪرڻ جي استدعا ڪي وئي. مسلم ليگ قاف جي وڪيل خالد رانجها چيو ته هنن شاهدن جي جيڪا فهرست جمع ڪرائي آهي، انهن مان 7 هن وقت ڪميشن ۾ موجود آهن، عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ڪئي وئي، ان ڪري ريٽرننگ آفيسرز کي شاهد طور طلب ڪيو وڃي. ق ليگ جي شاهد احمد يار هراج بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته نتيجن بابت ساڻن ڪنهن به قسم جو مشورو نه ڪيو ويو ۽ نه ئي فارم 14 لڳايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ احمد يار هراج چيو ته هن چونڊ عزرداري بابت ڪا به درخواست نه ڏني هئي. هڪ ٻي شاهد سردار طارق ٻڌايو ته هن اين اي هڪ سئو 42 قصور تان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ جنهن تان هـُو هارائي ويو پر نتيجا تيار ڪرڻ وقت کين نه ڪو نوٽيس موڪليو ويو  ۽ نه ئي اندر وڃڻ ڏنو ويو. شاهدن جي بيانن بعد ڪميشن مسلم ليگ قاف جي درخواست تي اين اي هڪ سئو 40، اين اي هڪ سئو 42، اين اي هڪ سئو 34  ۽ اين اي هڪ سئو 64 جي ريٽرننگ آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي. ڪميشن ٽن صوبائي تڪن پي پي 2 سئو پندرنهن، پي پي هڪ سئو 9 ۽ پي پي هڪ سئو 61 جي ريٽرننگ آفيسرز کي به ساڻي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *