انڊونيشيا کان سنگاپور ويندڙ ايئر ايشيا جو جهاز گم ٿي ويو

ڪراچي(م.ڊ) انڊونيشيا جي شهر سورابيا کان سنگارپور ويندڙ ايئر ايشيا جو مسافر جهاز گــُم ٿي ويو، جڏهن ته جهاز ۾ هڪ سئو 62 ماڻهو سوار آهن. انڊونيشين ميڊيا موجب فلائيٽ نمبر ڪيو زيڊ ايٽ فائيو زيرو ون جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽيل آهي. ايئر ايشيا ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته جهاز جي ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪئي وئي آهي. ٽرانسپورٽ وزارت جي عملدار هادي مصطفيٰ موجب جهاز جو جاوا سمنڊ مٿان رابطو ڪٽجي ويو. گم ٿيل جهاز ۾ عملي سميت هڪ سئو 62 ماڻهو سوار آهن.  ٻئي طرف انڊونيشيا کان سنگاپور ويندڙ ايئر ايشيا جو مسافر جهاز گــُم ٿي ويو، جڏهن ته جهاز ۾ عملي جا 7 ميمبر ۽ هڪ سئو 55 مسافر سوار هئا، روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گم ٿيل جهاز جو بيلي ٽونگ ٻيٽ وٽان ملبو هٿ آيو آهي. انڊونيشين ميڊيا موجب فلائيٽ نمبر ڪيو زيڊ ايٽ فائيو زيرو ون مقامي وقت موجب صبح جو پنج لڳي 20 منٽن تي انڊونيشيا جي شهر سورابايا کان سنگاپور روانو ٿيو. انڊونيشين اختيارين ۽ ايئر لائين انتظاميه موجب جهاز ۾ عملي جا 7 ميمبر ۽ هڪ سئو 55 مسافر سوار هئا جن ۾ 17 ٻار به شامل آهن. جهاز ۾ موجود هڪ سئو 49 ڄڻن جو تعلق انڊونيشيا، ٽن جو ڪوريا، هڪ جو برطانيه ۽ هڪ ڄڻي جو تعلق سنگاپور سان آهي. جهاز کي صبح ساڍي اٺين وڳي سنگاپور پهچڻو هو پر پائليٽ جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان 7 لڳي 55 منٽن تي رابطو ڪٽجي ويو، جڏهن ته ان وقت جهاز جاوا جي ٻيٽ بيلي ٽونگ ڀرسان سمنڊ مٿان اڏام ڪري رهيو هو. ايئر ايشيا ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته جهاز جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڃا تائين وٽن جهاز يا مسافرن بابت ڪي به اطلاع ناهن. ٻئي طرف وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاز گم ٿيڻ واري معاملي جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان صدر براڪ اوباما کي بريفنگ به ڏني وئي. واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ ملائيشيا جو جهاز گم ٿي ويو هو جنهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. ملائيشيا جي ئي هڪ ٻئي جهاز کي يوڪرين ۾ تباهه ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ مسافر سوار هئا پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته جهاز کي يوڪرين جي باغين تباهه ڪيو يا آمريڪا جي اتحادين ان کي ميزائل ذريعي ڪيرايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *