انڊر-19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين ڪاميابي، اسڪاٽ لينڊ کي شڪست

 

پوچيفسٽروم(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي انڊر-19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين گروپ ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. نارٿ ويسٽ يونيورسٽي گرائونڊ ۾ کيڏيل گروپ سي جي ميچ ۾آئرلينڊ انڊر-19 جي ڪپتان اينگس گائي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو، اسڪاٽ لينڊ جيسموري ٽيم محمد وسيم، طاهر حسين ۽ عباس جي خطرناڪ بالنگ جي ڪري 5-23 اوورن ۾ 75 رنز تي ڍير ٿ يوئي، اسڪاٽ لينڊ جي ٻنهي اوپنرن پهرين اوور ۾ کاتو کولڻ کانسواءِ ئي واپس موٽي ويا، ٻنهي کي طاهر حسين ڪلين بولڊ ڪيو. عزيز شاهه 20 ۽ ٽومين ميڪ انتوش 17 رنز سان ٽاپ اسڪورر رهيو،ان کانسواءِ اسڪاٽ لينڊ جو ڪو به رانديگر ڊبل فيگر ۾ داخل ٿي نه سگهيو. جواب ۾ پاڪستان انڊر-19 ٽيم حدف4-11 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، عرفان خان 38 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان روحيل نذير 27 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد وسيم کي مين آف دي مين جي اعزاز سان نوازيو ويو، پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻي گروپ ميچ 22 جنوري تي زمبابوي خلاف کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *