انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز ڪامياب،بنگلاديش گهر ۾ ئي ڍير

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم بنگلاديش کي 3 وڪيٽن تان مات ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي.تفصيل مطابق شير بنگلا اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ 226 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.مهدي حسن 60  رنسون ٺاهي نمايان رهيو،جوئي راص شيخ 35 محمد سيف الدين 36 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻيو ڪو به بيٽسمين سُٺي ڪارڪدگيءَ نه ڏيکاري سگهيو.ويسٽ انڊيز پاران ڪيمو پال 3 رانديگرن آئوٽ ڪيو،ويسٽ انڊيز ٽيم گهربل ٽارگيٽ 49 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري 3 وڪيٽن تان ميچ کٽي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.ويسٽ انڊيز آل رائونڊر سپر نگر 62 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *