انڊر نائنٽين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان هٿان آسٽريليا کي شڪست

سڊني(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا انڊر نائنٽين ٽيم وچ ۾ پهرين ون ڊيم يچ ۾ ميزبان ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ان فتح سان پاڪستان جونيئر ٽيم 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميلبورن ۾ آسٽريليا انڊر 19 ٽيم پاڪستان انڊر 19 خلاف پهرين ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ميزبان ٽيم جي هاروي 136، هارڊي 46 رنسون اسڪور ڪيون.جڏهن ته ڪو ٻيو بيٽسمين پاڪستان جونيئر بالرن جو اعتماد سان مهاڏو نه اٽڪائي سگهيو ۽ پوري ٽيم 241 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.محمد موسيٰ 4، ارشد اقبال 3، سليمان شفقت 2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.جڏهن ته پاڪستاني اوپنرن زيد عالم ۽ عمران شاهه 35، 35 ٺاهي پنهنجي ٽيم کي 52 رنسن جي عمده شروعات فراهم ڪئي، وڪيٽ ڪيپر روحيل نذير 34 رنسون ٺاهيون جڏهن ته طٰحهٰ صرف 6 رنسون ٺاهيون.پاڪستان انڊر 19 3 ميچن واري سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي جڏهن ته ٻئين ميچ جمعي تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *