انٽيليجنس، فوج، ايل اي ايز ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن گهربل آهي:مراد علي شاھھ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت ڪوروناوائرس جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ ۽ ڪورونا کانپوءِ دنيا ۾ موجود وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ موثر پاليسي جوڙي رهي آهي. ڪوروناوائرس کانپوءِ عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ خطري جي امڪانن کي گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ سي پيڪ جي وسيلن سنڌ کي سيڙپ لاءِ بهترين جڳهه بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سبب سيڙپڪاري تي فائدو، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني ۽ پائيدار ڪاروبار جا بهترين نتيجا سامهون آيا آهن. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس جي بئنڪوئيٽ هال ۾ ميجر جنرل راحت نسيم احمد خان جي سربراهي ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2022ع جي 230 شرڪت ڪندڙن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چئي. شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جو وڏو انگ، 23 سرڪاري ملازم ۽ 15 مختلف ملڪن جا اعليٰ فوجي آفيسر شامل هئا. دهشتگردي جي حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال اطمينان بخش آهي پر تيزي سان بدلجندڙ ريجنل سيڪيورٽي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي.  هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ 20 نقاطي نيشنل ايڪشن پلان (نيپ) 2014ع ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٺاهيو ويو هو.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي فريم ورڪ تحت اين اي پي جي نڪتن تي فعال طور تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ايپڪس ڪميٽيءَ جا 26 اجلاس گهرايا جن جا بهترين نتيجا نڪتا آهن جيئن ڪراچي آپريشن کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو جنهن وگهي ڪراچي پرامن شهر بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پي ايس ايل (پاڪستان سپر ليگ) سميت ڪيترن ئي انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽس جي ميزباني ڪري چڪو آهي. منشيات ۽ هٿيارن جو پکيڙ: سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي هڪ ميگا سٽي هجڻ سان گڏ بين الاقوامي رابطن سبب غير قانوني منشيات جي مارڪيٽ لاءِ پڻ نفعي وارو هنڌ آهي. هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ  سڌي ريت دهشتگردي جي مالي مدد ڪرڻ ۾ ملوث آهن. هن وڌيڪ چيو ته انٽيليجنس، فوج، ايل اي ايز ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن گهربل آهي ته جيئن ان خطري کي ختم ڪري سگهجي.  هن چيو ته جديد هٿيارن جي پکيڙ تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي تنهن ڪري هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اڻڄاتل رستن پهرو جاري رکيو وڃي اهو هڪ وڏو چئلينج آهي. غير قانوني پناهگيرن بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي خاص ڪري افغانستان، برما، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن مان غير قانوني مهاجرن کي ڇڪيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان پناهگيرن جي صورتحال بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي دستخط ڪندڙن مان به ناهي تنهن هوندي به 1.44 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغان پناهگير (UNHCR) هتي رهن ٿا. سنڌ ۾ افغان پناهگيرن لاءِ ڪمشنر پاران شيئر ڪيل انگ اکر هن ريت آهن: 67028 افغانين وٽ رجسٽريشن جا ثبوت آهن. 71429 افغان شهري ڪارڊ هولڊر آهن. 400000 اڃا تائين رجسٽر ٿيڻا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ گهڻي ڀاڱي افغان شهرين جي پاڪستان لڏپلاڻ جو امڪان آهي، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ افغانين جي آمد سبب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جنهن ڪري امن امان ۽ ٻين اندروني جهيڙن جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پرڏيهي شهرين جي غير قانوني آمد تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان جي سرحدي نظام کي پڻ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هوءَ افغان پناهگيرن کي محفوظ جاءِ ۽ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ”وڌيڪ ڪم“ ڪري. سنڌ حڪومت بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي آپريشن 2013ع ۾ ٿيو پاڪستان رينجرز کي مقرر ڪيو ويو ۽ سي ٽي ڊي قائم ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس جي بجيٽ 2013ع ۾ 51250700000 رپين مان وڌائي 2021ع ۾ 106912832000 رپيا ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هڪ خاص سيڪيورٽي يونٽ قائم ڪيو آهي ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار، گولابارود ۽ گاڏيون خريد ڪيون آهن. هن چيو ته 2019ع ۾ نئون پوليس قانون لاڳو ڪيو ويو ۽ پوليس کي مڪمل آپريشنل خودمختياري ڏني وئي. هن چيو ته جيلن جي سهولتن ۾ سڌارا آڻي جيل جا نوان ضابطا جوڙيا ويا آهن. انهن سمورن اُپائن سبب صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ ۾ حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا آهن. ريجنل سيڪيورٽي جي چيلنجن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان کي درپيش خطرا تمام گهڻا ۽ ڳنڀير آهن ڇوته پاڪستان پنجين جنريشن/هائبرڊ جنگ جو شڪار آهي جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي ذريعي ڄاڻ ۾ اڳڀرائي جي ضرورت آهي ۽ قومي ۽ عالمي ميڊيا ذريعي پاڪستان جو مثبت اميج کي هٿ وٺرائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته افغانستان ۾ داعش جي نالي سان مشهور اسلامي رياست خراسان (IS-K) جو اڀرڻ ريجنل سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بغاوت ۽ ان خلاف ڀارتي حڪومت جي سخت مزاحمت سميت پاڪستان خلاف ڀارت جو رويو، اسان کي هر وقت هوشيار رکندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا سائبر حملن جو شڪار رهيو آهي ۽ ان کي لڳوڀڳ نئون خطرو قرار ڏنو ويو آهي جيڪو نه رڳو رياستن پر پرائيويٽ سيڪٽر لاءِ به سامهون اچي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي ٿرڪول مائننگ جي فائدن ۽ بجلي جي پيداوار سميت سندس حڪومت جي ترقياتي ڪاوشن کان پڻ آگاهه ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *