انٽرويو نه ڏيڻ سبب سياستدان سان اسڪينڊل ٺاهيو ويو: ريما

 

لاهور(شوبز نيوز)  سينئر اداڪاره ريما انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ منهنجو هڪ سياستدان  سان ڪوڙو اسڪينڊل ٺاهيو ويو جنهن سان مون کي تمام گهڻي تڪليف پهتي ۽ اڄ به ان اسڪينڊل کي سوچي ڏکاري ٿي ويندي آهيان.ميڊيا رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ ريما دعويٰ ڪئي آهي ته مذڪوره اسڪينڊل هڪ صحافي ٺاهيو. ريما خان موجب جنهن صحافي اهو ڪوڙو اسڪينڊل ٺاهيو ان جو خيال هو ته مان ان کي انٽرويو نٿي ڏيڻ چاهيان ۽ تمام گهڻا نخرا ڪري رهي آهيان.اداڪاره سياستدان ۽ صحافي جو نالو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته صحافي ئي شان ۽ مون کي هڪ ٻئي جي خلاف بيان بازي جي لاءِ ڀڙڪائيندا هئا.هن چيو ته شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ کان پوءِ منهنجي ۽ شان جي جوڙي سپر هٽ ثابت ٿي جنهن کان پوءِ ڪاميابي  منهنجا قدم چمڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *