انٽرويو نه ڏيڻ سبب سياستدان سان اسڪينڊل ٺاهيو ويو: ريما

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان جي هٿ ۾ عوامي مسئلن جي حل جو ليڪو ئي ناهي. سينيٽر سراج الحق جو منصوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته جماعت اسلامي نيب قانون بابت حڪومتي ترميمي آرڊيننس کي رد ڪري ٿي، ڇا ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي آهي جو پارليامينٽ ۽ سينيٽ کي بي توقيت ڪري آرڊيننس آندو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪا ايمرجنسي يا هنگامي صورتحال ناهي ته ته پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي هئڻ باوجود آرڊيننس جو سهارو ڇو ورتو ويو، نيب ترميمي آرڊيننس حڪومت جو خاموش اين آر او آهي. سراج الحق موجوده حڪومت کي مڪمل ناڪام قرار ڏيندي چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي غريب عوام جو رت چوسيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪلهن جي سهاري حڪومت ملڪ جي ترقي نٿي ڏئي سگهي، سبز باغ ڏيکاري عوام کي گمراهه ڪيو ويو، وزير اعظم جي هٿ ۾ عوامي مسئلن جي حل جو ليڪو ئي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *