انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سال جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سال جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان ٽيم 3 درجا هيٺ لهڻ کان پوءِ ٽين کان ڇهين پوزيشن تي اچي وئي آهي. نئين رينڪنگ موجب ڏکڻ آفريڪا 21 ميچن ۾ 130 ريٽنگ سان سڀ کان اڳتي آهي، جڏهن ته آسٽريليا 23 ميچن ۾ 108 ريٽنگ سان ٻئي نمبر تي آهي ۽ پاڪستان ٽيم بنگلاديش کان ٽيسٽ سيريز کٽڻ باوجود 3 درجا هيٺ ڪري ٽين کان ڇهين پوزيشن جي تي اچي وئي آهي، گرين ڪيپس ٽين پوزيشن تي 103 ريٽنگ حاصل هئي، جيڪا گھٽ ٿي 97 ٿي وئي آهي. فهرست ۾ پاڪستان جي جڳهه سنڀاليندڙ نيوزيلينڊ 26 ميچن ۾ 99 ريٽنگ سان ٽئين، ڀارت 22 ميچن ۾ 99 ريٽنگ سان چوٿين، انگلينڊ 27 ميچن ۾ 97 ريٽنگ سان پنجين نمبر تي آهي، سريلنڪا ستين، ويسٽ انڊيز اٺين، بنگلاديش نائين ۽ زمبابوي ڏهين نمبر تي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *