انوپم کير ۽ اڪشي کني خلاف ڪيس داخل

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار انوپم کير کي من موهن سنگهه ۽اڪشي کنا کي سندس سيڪريٽري بڻجڻ ايترو مهانگو پئجي ويو جو ٻنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ٿي ويو. ڪجهه هفتا اڳ رليز ٿيل فلم “ايڪسي ڊينٽل پرائم منسٽر” ۾ اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه جو ڪردار انڊسٽري جي ناليواري اداڪار انوپم کير ۽ سندس سيڪريٽري جو ڪردار اڪشي کنا نڀايو هو، جنهن سبب ٻنهي اداڪارن کي ڏکياين سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سڌر ڪمار ۽ اوجها نالي وڪيل فلم “ايڪسي ڊينٽل پرائم منسٽر” خلاف عدالت ۾ پٽيشن دائر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن الزام مڙهيندي چيو آهي ته “فلم ميڪرز مختلف گروهن وچ ۾ نفرت پکيڙي رهيا آهن.
فلم ذريعي اعتراض جوڳو مواد کپايو پيو وڃي، ان سان امن جو ماحول ڄاڻي واڻي خراب ڪرڻ جي مجرماڻي سازش ڪئي پئي وڃي”. ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت پوليس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، جنهن بعد پوليس فلم ميڪرز ۽ مرڪزي ڪردار نڀائيندڙ اداڪار انوپم کير ۽ اڪشي کنا خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *