انقلاب ڌرڻو ختم نه ٿيو آهي، اسان رڳو حڪمت عملي بدلائي آهي: طاهر القادري

ايبٽ آباد(م.د) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته انقلاب ڌرڻو ختم نه ٿيو آهي پر اسان هڪ نئين حڪمت عملي تحت حڪومت خلاف محاذ بدلايو آهي ۽ اسان جي جدوجهد ظلم جي نظام جي خاتمي تائين جاري رهندي خميس ڏينهن ايبٽ آباد ۾ عوامي تحريڪ جي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جڏهن اسلام آباد واري ڌرڻي کي ختم ڪري سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪن ماڻهن تنقيد ڪئي ته انقلاب مارچ ختم ٿي ويو آهي پر جيڪي ماڻهو انقلاب لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن تن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهي تنقيد ڪندڙن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکن هن چيو ته اهو فيصلو ڪمانڊر ڪنڊو آهي ته جنگ دوران ڪهڙي محاذ تي وڃي وڙهجي سو جنگ اڃان ختم نه ٿي آهي ۽ ڏسجي ته اڳيان هلي ڇا ٿو ٿئي هن چيو ته ايبٽ آباد جو جلسو اسان جي نئين حڪمت عملي جي ڪاميابي جو کليو ثبوت آهي هن چيو ته ماڻهو اسان سان راضي ٿين ٿا يا نه تنهن سان ڪو فرق نٿو پوي اسان پنهنجي منزل ڏانهن وڌندا رهنداسين لاهور ۽ فيصل آباد جي جلسن کي ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ۽ ڌرڻي پاڪستان جي سياست کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ مايوس ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جي همت ڏياري آهي طاهر القادري چيو ته اسان اسلام آباد مان ڌرڻو ختم ڪري حڪومت سان ڪا ڊيل نه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته اڄ ايبٽ آباد ۾ ايڏو وڏو جلسو نه ڪريون ها اسان تي تنقيد ڪندڙ ٿورو صبر ڪن کين جلدي ئي خبر پئجي ويندي ته اسين ڇا پيا ڪرڻ چاهيون هن چيو ته هاڻ اسان ماڻهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي ۽ هن غير جمهوري ۽ ناڪام حڪومت خلاف نوان نوان محاذ کولي ڪيرائينداسين اسان هڪ پروگرام تحت اسلام آباد آيا هئاسين پر حڪومت ختم ڪري پوءِ واپس موٽنداسين پر الله تعاليٰ ظالمن، جابرن ۽ فرعونن کي مهلت ڏيندو آهي سو ايئن نه ٿي سگهيو پر الله تعاليٰ هاڻ اسان کي ٻيو متبادل ڏنو آهي جنهن ذريعي اسين جلسا جلوس ڪري ماڻهن کي جاڳائيندا رهنداسين هن ٻڌايو ته 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ وڏي عوامي تحريڪ هلائي جنهن ماڻهن ۾ وڏو شعور پيدا ڪيو ۽ هاڻ اسين ماڻهن کي جاڳائي انهن ۾ نئون شعور ڪنداسين هن ٻڌايو ته هن وقت انقلاب مارچ کانپوءِ ماڻهن کي جيڪو نئون شعور مليو آهي تنهن تحت هاڻ انهن پاڻ ۾ همت ساري گو نواز گو جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ماءُ جي پيٽان ڄاول ٻار به گو نواز گو جو نعرو هڻندو، هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسان جي اسلام آباد واري ڌرڻي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا هئا هاڻ آئون پاڻ انهن وٽ هلي ويندس ۽ جيڪڏهن مون کي عوام اڪثريت سان چونڊن ۾ ڪامياب ڪيو ته آئون واعدو ٿو ڪيان ته ايبٽ آباد کي سڀ کان پهريان صوبو ٺاهيندس ۽ پنجاب ۾ نوان صوبا ٺاهيندس، عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته اسان رڳو محرم الحرام جي احترام ۾ وقفو ڪيو آهي ۽ ڪارڪنن کي تياري جو وقت ڏنو آهي ته جيئن اهي نئين سر تازه توانا ٿي جدوجهد ڪن ايندڙ انقلابي ڌرڻو 23 نومبر تي بکر ۾ هنيو ويندو جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن هري پور ۾ انقلابي ڌرڻو هنيو ويندو ان کانپوءِ 5 ڊسمبر تي سرگوڌا، 14 ڊسمبر تي سيالڪوٽ ۽ 21 ڊسمبر تي مانسهرا ۾ ڌرڻو هنيو ويندو جنهن کانپوءِ 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار ٻاهران وڏو ڌرڻو هنيو ويندو جتي فيصلو ٿي ويندو ته انقلاب تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي يا وري ماڻهن اسان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *