انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، نواز شريف کي وڃڻو پوندو: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اڄ عدالت جو امتحان آهي، انقلاب جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، نواز شريف کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سرڪار ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏئي رهي آهي، اڄ به ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته محاصرو ڪري وٺنداسين پر قوم عدالت جي آزادي ۾ وڏي قربانيون ڏنيون آهن، اهو وقت ناهي رهيو ته ڪو به ڏنڊو کڻي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري. دٻاءَ جي باوجود جي آءِ ٽي ميمبر خلاف خوف جي ڪم ڪيو. هن چيو ته چاهيون ٿا ته انصاف وڏي ماڻهو کي به ملي ۽ غريب کي به ملي، پنج ڇهه هزار ماڻهو ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ جيل به ويا ته ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن اڊيالا جيل ۾ جاءِ گهٽ آهي ته ڪوٽ لکپت ۾ به جيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *