انسٽا گرام تي هڪ ڪروڙ فالوورز جو مقابلو، ايمن خان به 50 لک فالو ورز ڪلب ۾ شامل

 

ڪراچي(شوبز نيوز) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽا گرام تي هڪ ڪروڙ فالوورز جو مقابلو تيز ٿي ويو، ماهراخان بعد ايمن خان به 50 لک فالو ورز ڪلب ۾ شامل ٿي وئي. اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي سموري دنيا جون اداڪارائون سرگرم آهن انهن ۾ بالي ووڊ جون اداڪارائون وڌيڪ سرگرم آهن ۽ اڪثر اداڪارائن جا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽا گرام تي هڪ هڪ ڪروڙ فالوورز موجود آهن. هالي ووڊ اداڪارائن جا انسٽا گرام تي هڪ هڪ ڪروڙ فالوورز هجڻ به پاڪستاني اداڪارائن ۾ به مقابلي جي ڊوڙ پاڻکي پوئتي نه رکيو آهي. سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ سرگرم اداڪارا ماهرا خان آهي ماهرا 50 لک فالوورز رکندڙ پهرين اداڪارا بڻي جنهن بعد ايمن خان به 50 لک فالووز رکندڙ اداڪار بڻجي وئي آهي. ايمن جي ڀيڻ اداڪارا منال خان ۽ سجل علي جا پڻ 44- 44 لک فالوورز موجود آهن جنهن سبب ٻنهي اداڪارائن ٽئين ۽ چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي آهي جڏهن ته مهوش حيات جي فالوورز جو انگ 30 لک ٿي ويو آهي.، عائشه عمر اڃا تائين رڳو 29 لک فالوورز پيدا ڪري سگهي آهي. 50 لک فالوورز ڪلب ۾ شامل ٿيڻ تي اداڪارا ايمن خان جو چوڻ آهي ته 50 لک فالوورز ڪلب ۾ شامل ٿيڻ تي تمام گهڻي خوش آهيان، مداحن جي مهرباني جن مونکي ڳوليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *